اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪ فوج جهڙيءَ طرح ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ عالمي سرحد تي ملڪ جو دفاع ۽ مقابلو ڪري رهي آهي، ملڪ ۽ خطي جي تاريخ ۾ ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي. اندروني معاملن کي قومي اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويندو، دوست ملڪ واضح طور پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. قومي اسيمبليءَ …
دوست ملڪ واضح طور پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن: خواجه محمد آصف

مزید خبریں
اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪ فوج جهڙيءَ طرح ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ عالمي سرحد تي ملڪ جو دفاع ۽ مقابلو ڪري رهي آهي، ملڪ ۽ خطي جي تاريخ ۾ ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي. اندروني معاملن کي قومي اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويندو، دوست ملڪ واضح طور پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي جاري اڳرائي جي حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ مولانا فضل الرحمان طرفان اُٿاريل نُڪتن جي جواب ۾ بچاءَ واري وفاقي وزير چيو ته دنيا جو ڪوبه ملڪ اهڙو ناهي جنهن سان اسان جو رابطو نه هجي اسان نار ملڪن سان روزانو جي بنيادن تي رابطي ۾ آهيون. ايران جو پرڏيهي وزير 2 ڏينهن اڳ هتي آيو ان سان مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو يو اي اي، قطر، سعودي عرب ۽ چين سان روزانه جي بنياد تي رابطو هوندو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مشن سلامتي ڪائونسل ۽ ٻين فورمز تي ڀارت جي جارحاڻي عزم جو فعال انداز ۾ جواب ڏئي رهيو آهي، ان جا نتيجا به سامهون اچي رهيا آهن. هڪ ٻن ملڪن هندستان جي حمايت ڪئي آهي اڪثر ملڪ يا ته غير جانبدار يا پاڪستان جي مؤقف جي حمايت ڪري رهيا آهن، اسان جا دوست واضح طور پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. ترڪيه، چين ۽ آذربائيجان واضح ڪري پاڪستان جي حمايت ۾ سامهون اچي چڪا آهن پر هندستان جي ويجهو مخالف ملڪ به ان سان گڏ ناهن بيٺل. اسرائيل مسلمان ۽ اسلام دشمنيءَ ۾ ڀارت سان گڏ آهي. هن چيو ته مدرسن جا شاگرد اسان جي ٻي دفاعي لائين آهن، هو ديني تعليم سان ليس آهن ۽ کين شهري دفاع جي ضرورت لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اسان جي فوج جهڙيءَ طرح ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ عالمي سرحد تي جهڙيءَ طرح ملڪ جو بچاءُ ۽ مقابلو ڪري رهي آهي ملڪ ۽ خطي جي تاريخ ۾ ان جو ڪو مثال نٿو ملي. اسان پاڻ کان 7 ڀيرا وڌيڪ وڏي دفاعي قوت جو مقابلو ڪري رهيا آهيون. اسان ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا آهن اهو به تاريخ جو حصو آهي. گذريل ڏينهن جو ڊرون حملو اسان جي لوڪيشنز جي ڊيٽيڪٽ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو ان لاءِ ان کي نشانو نه بنايو ويو ۽ جڏهن اهي ڊرونز محفوظ حدن ۾ آيا ته انهن کي ڪيرايو ويو. هن چيو ته اندروني معاملن کي قومي اتفاق راءِ سان حل ڪيو ويندو، وزيراعظم واضح اتحاد جو پيغام ڏنو، پرڏيهي وزير پرڏيهي محاذ تي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. ايوان جو اجلاس به جاري آهي ۽ اسان لمحي لمحي ايوان ۽ قوم کي آگاهه ڪندا رهنداسين، ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي پاڪستان جي هٿياربند فوج هن وقت ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪري رهي آهي، ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي قوم کي اطمينان هئڻ گهرجي ته ڀارت جي عزمن کي مٽي ۾ ملايو ويو آهي. ڀارتي عوام جو مقابلو پاڪستاني عوام سان آهي، حوصلا بلند آهن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٻُڌائينداسين ته اسان جي فوج ڪهڙيءَ طرح مقابلو ڪري رهي آهي.











