پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن بهادري ۽ خوبصورت حڪمت عمليءَ سان ملڪي بچاءُ ڪيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن بهادري ۽ خوبصورت حڪمت عمليءَ سان ملڪي بچاءُ ڪيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي، يهود هنود جو اتحاد اسان جي قومي بيانيي جو حصو هئڻ گهرجي، هي وقت آهي ته اسان پنهنجي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪريون ۽ انهن سان گڏ بيهون. قومي اسيمبليءَ ۾ انڊيا جي …

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن بهادري ۽ خوبصورت حڪمت عمليءَ سان ملڪي بچاءُ ڪيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي، يهود هنود جو اتحاد اسان جي قومي بيانيي جو حصو هئڻ گهرجي، هي وقت آهي ته اسان پنهنجي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪريون ۽ انهن سان گڏ بيهون. قومي اسيمبليءَ ۾ انڊيا جي پاڪستان جي مختلف هنڌن تي حملن جي حوالي سان قومي اسيمبليءَ ۾ جاري بحث ۾ حصو وٺندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هيءَ حقيقت آهي ته هن وقت پاڪتان ڀارتي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ محاذ تي آهي. هندستان مسجدن، مدرسن ۽ سويلين علائقن تي راڪيٽ اُڇلايا ۽ اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن کي شهيد ڪيو پر پاڪستان جي هٿياربند فوج جنهن بهادري ۽ خوبصورت حڪمت عمليءَ سان ملڪي بچاءُ ڪيو مان کين خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. اسان جي پارٽي پوري ملڪ ۾ اڄ وطن جي دفاع جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سمورن مڪتب فڪر کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڀارتي اڳرائيءَ جي ڀرپور مذمت ڪن. پاڪستان جي مؤقف کي اجاگر ڪن ۽ قوم کي متحد ٿيڻ جو درس ڏين، ان حوالي سان 11 مئي تي ملين مارچ ٿيندو جتي پاڪستان جي عوام جي ڀرپور شرڪت هوندي ۽ پاڪستان جو مؤقف اجاگر ڪريون. 15 مئي تي ڪوئيٽه ۾ ملين مارچ ٿيندو جنهن ۾ بلوچستان جو عوام يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندو. هن چيو ته حڪومت ويجهڙ ۾ ئي نوجوانن کي شهري بچاءُ لاءِ نالا لکرائڻ لاءِ چيو آهي. اسان پنهنجي انصار الاسلام جي شعبي کي شهري دفاع جو هدايت جاري ڪئي آهي جتي جتي به مدد جي ضرورت هوندي اتي انصار الاسلام جا نوجوان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هندستان اسان جي مسجدن، مدرسن کي نشانو بنايو آهي مان پوري ايوان کي خاطري ڪرايان ٿو ته پاڪستان جي دفاع لاءِ صف اول طور جيڪڏهن ڪو وڙهڻ لاءِ تيار آهي ته اهي اسان جي ديني مدرسن جا طالب هوندا. مان تجويز ڪندس ته حڪومت مدرسن جي حوالي سان قانونسازي ۽ وعدن تي عملدرآمد ڪري ته جيئن دنيا کي پيغام ڏئي سگهجي ته اسان متحد آهيون. هن چيو ته ان حالتن ۾ هڪ ئي قومي بيانيو هئڻ گهرجي، اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، جنگ ۾ گل نه ٽڙندا آهن پر باهه وسندي آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جو ڪو سفارتي مشن ٻاهر ناهي ان حالتن ۾ اسان جي سفارتي وفدن کي ٻاهر هئڻ گهرجي، اسان کي چين، سعودي عرب، ايران، يو اي اي ۽ افغانستان کي انگيج ڪرڻ گهرجي، پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي باري ۾ ايوان ۽ عوام کي ٻُڌائڻ گهرجي، ان ڳالهه کي به چِٽو ڪرڻ گهرجي ته اسرائيل 60 هزار فلسطينين کي قتل ڪري چڪو آهي، اسرائيلي اسلحو اڄ ڀارت ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. يهود ۽ هنود جو اتحاد اسان جي قومي بيانيي جو حصو هئڻ گهرجي. هي وقت آهي ته اسان پنهنجي دفاعي ادارن کي مضبوط ڪريون ۽ انهن سان گڏ بيهون. سوچ ۾ فرق آهي پر ملڪي وحدت لاءِ هڪ صف تي آهيون، وطن عزيز جي معاملي تي حڪومت اسان کي پاڻ کان اڳتي ڏسندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا خلاف حڪومت قدم کڻي. ايوان کي سنجيده وٺڻ گهرجي، اسان کي سمورن ڪمزورين کان بچندي طاقتور پارليامينٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

مزید خبریں