سرينگر-09 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب حل طلب مسئلو ڪشمير تڪرار آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محبوبه مفتي ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته پهلگام واقعي …
پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب حل طلب ڪشمير تڪرار آهي: محبوبه مفتي

مزید خبریں
سرينگر-09 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب حل طلب مسئلو ڪشمير تڪرار آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محبوبه مفتي ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ مودي حڪومت جي غير ذميداري واري رويي سبب ٻئي پاڙيسري ملڪ ايٽمي طاقتون جنگ جي ڪناري تي پهچي ويون آهن، هن پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪندي مودي حڪومت تي زور ڀريو ته اها ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڳالهين جي چونڊ ڪري. هن ٻنهي ملڪن جي قيادت تي زور ڀريو ته اهي پرامن گڏيل بقاءَ جي چونڊ ڪن











