سينيٽ چيئرمين پاران ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ کي ڪيٿولڪ مسيحي جو نئون پوپ چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ کي ڪيٿولڪ مسيحي جو نئون پوپ چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جو نئون ڪيٿولڪ اڳواڻ بڻجڻ نه رڳو عالمي مسيحي برادري لاءِ اهم آهي پر بين المذهبي هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ اهم پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو. هن …

اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ کي ڪيٿولڪ مسيحي جو نئون پوپ چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جو نئون ڪيٿولڪ اڳواڻ بڻجڻ نه رڳو عالمي مسيحي برادري لاءِ اهم آهي پر بين المذهبي هم آهنگي ۽ امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ پڻ اهم پيڙهه جو پٿر ثابت ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون پوپ سڄي دنيا ۾ رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين عالمي مسيحي برادري کي پڻ مبارڪ ڏيندي مسيحي برادري جي روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو

مزید خبریں