مذھبي معاملن ۽ بين المذاھب ھم آھنگي واري وفاقي وزير پاران پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جي چونڊجڻ تي سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد

اسلام آباد - 09 مئي (اي پي پي) مذھبي معاملن ۽ بين المذاھب ھم آھنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جي چونڊجڻ تي سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته نئين پوپ جي چونڊ ۾ ڪاميابي سڄي دنيا جي مسيحي برادري لاءِ وڏو روحاني اھميت جو موقعو آھي. گذريل ڏينھن پنھنجي پيغام ۾ ھن چيو ته اھا چونڊ اھڙي موقعي تي …

اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) مذھبي معاملن ۽ بين المذاھب ھم آھنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ جي چونڊجڻ تي سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آھي ته نئين پوپ جي چونڊ ۾ ڪاميابي سڄي دنيا جي مسيحي برادري لاءِ وڏو روحاني اھميت جو موقعو آھي. گذريل ڏينھن پنھنجي پيغام ۾ ھن چيو ته اھا چونڊ اھڙي موقعي تي ٿي آھي جڏھن دنيا جا مختلف ملڪ ڪيترن ئي سنگين مسئلن کي منھن ڏئي رهيا آهن. دنيا کي امن، سماجي انصاف، انساني وقار ۽ رحمدلي جي حق ۾ طاقتور ترين آوزارن جي ضرورت آھي. پاڪستان مسيحي برادري سان پنھنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاھه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي ھٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. نئين پوپ جي چونڊ سڄي دنيا جي ڪروڙين ماڻھن لاءِ اميدن جو نئون باب آھي. اميد آھي پوپ ڪارڊينل رابرٽ ووسٽ بين المذھب ھم آھنگي ۽ دنيا ۾ امن کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ پنھنجا ڪردار ادا ڪندو.

مزید خبریں