اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ گڏيل قومن ۾ ورلڊ ايوينجليڪل الائنس (ڊبليو اي اي) جي مستقل نمائندي گيٽن روئي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ بين المذاهب تعاون کي مضبوط بنائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته …
مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ گڏيل قومن جي نمائنده گيٽن روئي وچ ۾ ملاقات
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني ۽ گڏيل قومن ۾ ورلڊ ايوينجليڪل الائنس (ڊبليو اي اي) جي مستقل نمائندي گيٽن روئي وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ بين المذاهب تعاون کي مضبوط بنائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي کيئل داس ڪوهستاني چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مذهبي معاملن بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهيون ۽ هي قومي ترجيحن ۾ سرفهرست آهي. هن چيو ته حڪومت ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. گيٽن روئي چيو ته ڊبليو اي اي پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ خاص ڪميٽي جوڙيندو جنهن ۾ سمورن مذهبي برادرين جا نمائندا شامل هوندا. هي ڪميٽي امن ڪانفرنس جهڙن عملي قدمن تي ڪم ڪندي ته جيئن مختلف مذهبن وچ ۾ مفاهمت ۽ تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. مملڪتي وزير مذهبي تشدد خلاف پاڪستان جي سخت موقف کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان هميشه اهڙن واقعن جي مذمت ڪئي آهي ۽ انهن خلاف سنجيده ۽ مثبت ڪارروائي ڪئي آهي. هن چيو ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنسز منعقد ڪري رهي آهي ته جيئن قومي يڪجهتي کي هٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته هي ڪانفرنسز سمورن مذهبن کي مڃيندڙن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿي ته جيئن هو گڏجي علائقائي امن لاءِ ڪم ڪن. هر مذهب امن ۽ هم آهنگي جي تعليم ڏي ٿو ۽ اسان ان گڏيل عقيدت ۾ متحد آهيون. ملاقات ۾ گڏيل طور تي اهو عزم ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ ۽ سمورين برادرين وچ ۾ امن قائم رکڻ لاءِ مسلسل ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکيو ويندو.










