اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينئر پارليامينٽرين ۽ پي پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته نريندر مودي يهودي طرز عمل تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪارروايون شروع ڪيون آهن، عالمي برادري کي ڀارت جي هن طرز عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پهلگام جي فالس فليگ آپريشن ذريعي سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو ويو آهي، مودي جو هندو پرست نظريو ڀارت …
عالمي برادري کي ڀارت جي هن طرز عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي: ڊاڪٽر نفيسه شاهه
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينئر پارليامينٽرين ۽ پي پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو آهي ته نريندر مودي يهودي طرز عمل تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪارروايون شروع ڪيون آهن، عالمي برادري کي ڀارت جي هن طرز عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پهلگام جي فالس فليگ آپريشن ذريعي سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو ويو آهي، مودي جو هندو پرست نظريو ڀارت لاءِ زهر آهي. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڀارتي اڳرائي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته بالي وڊ ڀارت ۽ ان جي مرڪزي سٽنٽ مين مودي طرفان پاڪستان جي خودمختياري کي پائمال ڪري سويلين آبادين کي نشانو بڻايو آهي. اسان شهيدن جي ڪٽنبن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، ڀارت دهشتگردي ڪري هٿين خالي سويلين کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀرپور رد عمل جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ هٿياربند فوج جديد ترين رافيل جهازن کي شڪست ڏني آهي، ان کان اڳ اڀي نندن کي ڀارت جي شڪست جي علامت بڻايو ويو. هن چيو ته پاڪستانين کي ڊرون اڏامن سبب پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڀارتي جهاز هاڻي پاڪستان جي فضائي حدن ۾ گهڙڻ جي همت نه ڪري سگهندا. هن چيو ته ڀارت جي آپريشن جو نالو به بالي وڊ اسڪرپٽ موجب آهي، اسان جو جيڪو جواب هجڻ گهرجي اهو ڪنهن شهيد جي نالي هجڻ گهرجي، ڀارت اشتعال انگيز ڪارروائي ڪئي آهي ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. پهلگام ۽ پلوامه آپريشن مودي جي سياست کي بچائڻ لاءِ ڪيا ويا آهن. مودي يهودي طرز تي ڪارروايون شروع ڪيون آهن، عالمي برادري کي ڀارت جي هن طرز عمل جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، پهلگام جي فالس فليگ آپريشن ذريعي سنڌ طاس معاهدي کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ڀارت کي پاڪستان جي عزم ۽ استقلال جو اندازو ناهي. پاڪستان جي عوام هر قسم جون جنگيون ڏٺيون آهن، اسان کي دهشتگردي جي حوالي سان پنهنجي بياني تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. 2000ع ۾ دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان جو موقف درست هو، جڏهن ته اسان کي به جارحاڻي طرز عمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، اسان کي ان معاملي تي معذرت خواهڻو رويو رکڻ جي ضرورت ناهي، ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، اسان ڀارت جي عوام کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته مودي جو هندو پرست نظريو ڀارت لاءِ زهر آهي.










