پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ ٻي ڀارتي جارحيت ناڪام بڻائي ڇڏي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي)پاڪستان جي هٿياربند جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ ٻي ڀارتي جارحيت ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، پاڪ فوج راولپنڊي، بهاولپور، گجرانوالا، اٽڪ سميت مختلف جاين تي 12 ڊرون تباهه ڪيا، لاهور ۽ سنڌ ۾ ڊرون حملن ۾ هڪ شهري شهيد ۽ 4 فوجي جوان زخمي ٿيا. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو …

راولپنڊي-08 مئي (اي پي پي)پاڪستان جي هٿياربند جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج هڪ ٻي ڀارتي جارحيت ناڪام بڻائي ڇڏي آهي، پاڪ فوج راولپنڊي، بهاولپور، گجرانوالا، اٽڪ سميت مختلف جاين تي 12 ڊرون تباهه ڪيا، لاهور ۽ سنڌ ۾ ڊرون حملن ۾ هڪ شهري شهيد ۽ 4 فوجي جوان زخمي ٿيا. ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت گذريل رات هڪ ڀيرو ٻيهر جارحيت ڪندي پاڪستاني فضائي حدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي، مختلف شهرن ۾ ڀارت طرفان موڪليل 12 هيروپ ڊرونز تباهه ڪيا ويا آهن، لاهور، گجرانوالا، چڪوال، راولپنڊي، اٽڪ، بهاولپور، ميانو، ڇور ۽ ڪراچي ويجهو تباهه ڪيل ڀارتي ڊرونز جو ملبو به گڏ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته افسوس ته لاهور ۾ هڪ ڊرون فوجي ٺڪاڻي کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان زخمي ٿيا. ترجمان چيو ته ميانو سنڌ ۾ ڊرون سرگرمي جي نتيجي ۾ هڪ شهري شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات پاڪستان تي حملو ڪري عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سميت معصوم شهرين ۽ مسجدن کي نشانو بڻايو ۽ جواب ۾ ان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي جنهن ۾ ان جا 5 جهاز ۽ ڪيترائي ڊرونز تباهه ڪيا ويا. لائن آف ڪنٽرول تي ان کي شديد جاني نقصان ۽ پوسٽن جي تباهي جو منهن ڏسڻو پيو، ان کانپوءِ لڳي ٿو ته ڀارت عقل جا سڀ رستا وڃائڻ جي ويجهو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت رات جيڪا جارحيت ڪئي آهي اها انتهائي شديد اشتعال انگيز آهي ۽ اوهان جي فوج کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هيروپ ڊرونز موڪلڻ جو عمل جاري آهي ۽ پاڪ فوج انهن کي هڪ هڪ ڪري نشانو بڻائي رهي آهي ۽ تباهه ڪري رهي آهي.هن چيو ته سڄي دنيا ڏسي رهي آهي ته ڀارت نه رڳو هن خطي پر سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي رهيو آهي، اسان هر قسم جي خطرن ۽ هر قسم جي جارحيت کي نه رڳو منهن ڏيڻ ڄاڻون ٿا ۽ منهن ڏيندا رهنداسين پر جارحيت ڪندڙن کي سبق سيکارڻ جو نه رڳو عزم رکون ٿا پر ان جي پوري صلاحيت پڻ رکون ٿا.

مزید خبریں