سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاران پاڪ فوج کي وقت سر ۽ جرئتمنداڻي ڪارروايون ڪرڻ تي خراج تحسين

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ فوج جي وقت سر ۽ جرئتمنداڻي ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو جهڙي بهادري ۽ مهارت سان جواب ڏنو ويو اهو فوجي تاريخ جو هڪ مثال آهي، پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين،خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ …

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران پاڪ فوج جي وقت سر ۽ جرئتمنداڻي ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جو جهڙي بهادري ۽ مهارت سان جواب ڏنو ويو اهو فوجي تاريخ جو هڪ مثال آهي، پنهنجي بيان ۾ هن واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين،خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ دشمن جي هر جارحاڻي قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڀارتي فضائي حدن جي خلاف ورزي تي پاڪ فوج جي فوري ۽ پيشيوراڻي ڪارروائي فخر جوڳي آهي جنهن تي پوري قوم کي ناز آهي. هن چيو ته هاڻي ڀارت کي ڪنهن به مهم جوئي کان اڳ سئو ڀيرا سوچڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته پاڪ فوج ۽ پوري قوم دشمن جي ناپاڪ عزمن خلاف هڪ صحفي تي آهن. هن واضح لفظن ۾ چيو ته آئنده دشمن کي اهڙي ڪاري ضرب لڳائي ويندي جيڪا ان جي تصور کان به ٻاهر هوندي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج ڀارتي ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن کي تباهه ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جي زميني، فضائي ۽ سامونڊي فوج هر قسم جي جارحيت جو اثرائتو جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي. هن ڀارتي حڪومت خاص ڪري مودي سرڪار کي خبردار ڪندي چيو ته ان کي پنهنجي انتهاپسنداڻي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ اقليتن ۽ پاڙيسري ملڪن سان پرامن رويو اختيار ڪرڻو پوندو. سيدال خان عالمي برادري طرفان پاڪستان جي موقف جي حمايت کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان آئنده به خطي ۾ امن، خودمختياري ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں