اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ مسافرن کي آگاهه رکڻ لاءِ وقفي وقفي سان آگاهي ڏني پئي وڃي ۽ نوٽم جاري ڪيا پيا وڃن. ترجمان تازي نوٽم ۾ چيو آهي ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس آپريشنل سببن جي ڪري اڄ شام 6 وڳي تائين دستياب نه هوندا، اٿارٽي چيو ته مسافرن کي …
سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وقفي وقفي سان آگاهي ڏني پئي وڃي: پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جو ترجمان
اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۽ مسافرن کي آگاهه رکڻ لاءِ وقفي وقفي سان آگاهي ڏني پئي وڃي ۽ نوٽم جاري ڪيا پيا وڃن. ترجمان تازي نوٽم ۾ چيو آهي ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس آپريشنل سببن جي ڪري اڄ شام 6 وڳي تائين دستياب نه هوندا، اٿارٽي چيو ته مسافرن کي درخواست آهي ته اڏامن بابت پنهنجي فضائي ڪمپنين سان رابطو رکن. ترجمان چيو ته لاهور، اسلام آباد ۽ سيالڪوٽ ايئرپورٽس فلائيٽ آپريشن لاءِ هن وقت دستياب ناهن.










