پشاور-08 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ٿيليسيميا سبب متاثر ٻار اسان جي معاشري جو قيمتي حصو آهن، خيبرپختونخوا ۾ هر سال ٿيليسيميا جو شڪار مريضن جي انگ ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿيليسيميا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ٿيليسيميا بيماري بابت آگاهي ۽ ان …
ٿيليسيميا سبب متاثر ٻار اسان جي معاشري جو قيمتي حصو آهن: فيصل ڪريم ڪنڊي
پشاور-08 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ٿيليسيميا سبب متاثر ٻار اسان جي معاشري جو قيمتي حصو آهن، خيبرپختونخوا ۾ هر سال ٿيليسيميا جو شڪار مريضن جي انگ ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿيليسيميا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ٿيليسيميا بيماري بابت آگاهي ۽ ان بيماري جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته هر ٻار خوشحال ۽ صحتمند زندگي گذاري. هن چيو ته ٿيليسيميا جي علاج تائين خدمتن جي محدود پهچ به ان جي پکيڙ جو وڏو سبب آهي










