ڀارتي جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي دشمن جي ڀرپور مقابلو ڪيو: ڊاڪٽر شائسته جدون

هري پور-08 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) هزاره ڊويزن جي عورت ونگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شائسته جدون چيو آهي ته ڀارتي جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي دشمن جي ڀرپور مقابلو ڪيو، ڀارت طرفان پاڪستاني سرزمين تي ڪيل حملا قبولڻ جوڳا ناهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني سرزمين ۽ شهري هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڀارت بزدلاڻو …

هري پور-08 مئي (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) هزاره ڊويزن جي عورت ونگ جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر شائسته جدون چيو آهي ته ڀارتي جارحيت قبولڻ جوڳي ناهي، پاڪستان دفاع جو حق استعمال ڪندي دشمن جي ڀرپور مقابلو ڪيو، ڀارت طرفان پاڪستاني سرزمين تي ڪيل حملا قبولڻ جوڳا ناهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستاني سرزمين ۽ شهري هدفن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڀارت بزدلاڻو حملا ڪيا ۽ اهي حملا بنا جواز جي آهن ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهن، ڀارت طرفان شهري علائقن، معصوم عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻائڻ تي اسان انهن حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ڊاڪٽر شائسته جدون چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جي حمايت سان دشمن جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي. ڀارت رات جي اونداهي ۾ پاڪستان جي معصوم شهرين ۽ مسجدن کي بزدلاڻي طور نشانو بڻايو، پاڪ فوج ڀارت جي ان بزدلاڻي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو. پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي

مزید خبریں