وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان فون تي …

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ هن ان ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ حمايت تي ترڪيه جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم چيو ته هو گذريل ڏينهن ڀارت جي ميزائل حملن جي شهيدن لاءِ ترڪيه جي ڀائرن جي دعائن ۽ نيڪ خواهشن جي آجيان ڪري ٿو. محمد شهباز شريف چيو ته ترڪيه جي صدر کي پاڪستان جي هٿياربند فوج طرفان دشمن کي دليري ۽ پيشيوراڻي سرسي سان جواب ڏيڻ جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ يقيني بڻائينداسين. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ترڪيه جي ڪوششن کي ساراهيو

مزید خبریں