پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان عالمي قانون موجب دفاع جو حق استعمال ڪندي 5 ڀارتي جنگي جهاز ماري ڪيرايا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان عالمي قانون موجب دفاع جو حق استعمال ڪندي 5 ڀارتي جنگي جهاز ماري ڪيرايا. الجزيره ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت بنا ڪنهن جواز جي عام شهرين تي حملو ڪيو، جنهن جي جواب …

اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان عالمي قانون موجب دفاع جو حق استعمال ڪندي 5 ڀارتي جنگي جهاز ماري ڪيرايا. الجزيره ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارت بنا ڪنهن جواز جي عام شهرين تي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ 5 ڀارتي جنگي جهاز ماري ڪيرايا. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي خلاف ورزي ڪئي جنهن کانپوءِ پاڪ فوج کي وقت ۽ جڳهه جو تعين پاڻ ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي پر جڏهن ڳالهه ملڪي دفاع ۽ وقار جي هجي ته اسان جارحيت کي موثر جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته ڀارتي فوج جي مقابلي ۾ پاڪستاني فوج وڌيڪ تربيت يافته، پيشيور ۽ موثر آهي جنهن رڳو 15 منٽن جي فضائي معرڪي ۾ ڀارت جا جديد جهاز تباهه ڪيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستان جي فوج پنهنجي مهارت، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ جنگي تياري جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ڏيکاري ڇڏيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي بهترين فوجن ۾ شامل آهي. ڀارتي حملي جي جواز جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ڀارت پاران پهلگام حملي جو الزام پاڪستان تي هنيو ويو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڀارت پاڻ پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ اهو حربو اختيار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پهلگام حملي جي جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي پر ڀارتي حڪومت ان تي خاموش آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي جي ذريعي پاڻي کان محروم نه ٿو رکي سگهي. جيڪڏهن ڀارت پاڻي بند ڪرڻ يا رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو اعلان جنگ تصور ٿيندو ۽ پاڪستان سخت جواب ڏيندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان رابطا ڪيا آهن ۽ موجوده صورتحال جي خاتمي لاءِ علائقائي ۽ عالمي سطح تي ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي پر موجوده حالتن ۾ ڀارت جي جارحيت جي ڪري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جا آثار نظر نه اچي رهيا آهن. هن چيو ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته معصوم شهرين، عورتن ۽ ٻارن تي حملا هرگز برداشت نه ٿا ڪري سگهجن. ڀارت بنا جواز ۽ ثبوت جي پاڪستان تي حملو ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ۽ ان کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڀارت کي ڪنهن به ملڪ يا ڌر کان ان حملي تي حمايت ناهي ملي ۽ عالمي برادري ٻنهي ملڪن کان تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اطلاعات واري وزير پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻي تي چيو ته ڀارت کي پٺتي هٽڻو پوندو، نه ته نتيجا ڀوڳڻا پوندا. پاڪستان پنهنجا سمورا دفاعي آپشنز محفوظ رکي ٿو ۽ پنهنجي عوام ۽ سرزمين جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.

مزید خبریں