اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ پوري قوم متحد آهن، پاڪستان جي بهادر فوج جي حمايت ۽ حوصله افزائي جي اظهار لاءِ سمورا سوشل ميڊيا پليٽ فارمز هڪ اهم عنصر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ملڪ جي اڪثريتي آبادي سان گڏوگڏ اقليتي برادريون به سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيون …
پاڪستان جي بهادر فوج جي حمايت ۽ حوصله افزائي جي اظهار لاءِ سمورا سوشل ميڊيا پليٽ فارمز هڪ اهم عنصر طور ڪم ڪري رهيا آهن: رپورٽ

مزید خبریں
اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ پوري قوم متحد آهن، پاڪستان جي بهادر فوج جي حمايت ۽ حوصله افزائي جي اظهار لاءِ سمورا سوشل ميڊيا پليٽ فارمز هڪ اهم عنصر طور ڪم ڪري رهيا آهن، ملڪ جي اڪثريتي آبادي سان گڏوگڏ اقليتي برادريون به سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيون آهن. پي ٽي وي نيوز جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هٿياربند فوج لاءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان حمايت ۽ واکاڻ جا پيغام ملي رهيا آهن، جن ۾ قوم جي اتحاد ۽ هٿياربند فوج جي قربانين کي ساراهيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ اقليتي برادرين طرفان به هٿياربند فوج لاءِ زبردست حمايت تي روشني وڌي وئي جيڪي شهرين ۽ هٿياربند فوج وچ ۾ مضبوط رشتي کي ظاهر ڪري ٿي. رپورٽ ۾ عيسائي، هندو ۽ سک برادرين جي ميمبرن جا انٽرويوز به شامل آهن. جن ملڪ جي دفاع ۽ فوج لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. رپورٽ ۾ هڪ نوجوان سک عورت چيو ته اسان پنهنجي پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، جيڪي اسان جي ملڪ ۽ اسان جي مستقبل جي حفاظت ڪري رهيا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اقليتي برادريون پاڪستان جي هٿياربند فوج جي حمايت ۾ ريليون ۽ مظاهرا به ڪري رهيون آهن ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري رهيون آهن. فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، واٽس ايپ گروپس، انسٽاگرام ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي مشهور شخصيتون هٿياربند فوج لاءِ ريليون ڪڍي رهيون آهن. پنهنجي پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي ”اسان تيار آهيون، اسان کي آزمايو نه“ جو اعلان ڪري رهيون آهن. صحافي ۽ اينڪرز به عوامي راءِ جي جوڙجڪ ۽ ڀارتي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هڪ صحافي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي لکيو ته اسان جي هٿياربند فوج اسان جي قوم جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، اسان ڀارتي پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن طريقي سان انهن جو ساٿ ڏينداسين. مشهور صحافي جاويد اقبال هڪ پيغام ۾ چيو ته اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون ۽ اسان پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين. هڪ ٻي عورت صحافي اينڪر پنهنجو پيغام شيئر ڪيو ته امن اسان جي ڪمزوري ناهي، هي اسان جي طاقت آهي. عام شهري به مختلف پوسٽن سان پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.











