سرينگر -03 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪانگريس جي سينئر اڳواڻ پروفيسر سيف الدين سوز چيو آهي ته پاڪستان جو واضح موقف اهي ته هو پهلگام حملي ۾ ڪنهن به ريت ملوث ناهي ۽ اهو مودي سرڪار جي هڪ سازش آهي. هن چيو ته سنڌ طاس آبي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ کلي جنگ ٿيندي. ڪشمير ميڊيا …
پهلگام حملو مودي حڪومت جي سازش آهي، سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته پاڪ ڀارت جنگ ٿيندي: ڪانگريس جو سينئر اڳواڻ پروفيسر سيف الدين سوز

مزید خبریں
سرينگر -03 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪانگريس جي سينئر اڳواڻ پروفيسر سيف الدين سوز چيو آهي ته پاڪستان جو واضح موقف اهي ته هو پهلگام حملي ۾ ڪنهن به ريت ملوث ناهي ۽ اهو مودي سرڪار جي هڪ سازش آهي. هن چيو ته سنڌ طاس آبي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ کلي جنگ ٿيندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيف الدين سوز هڪ بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن پاڪستان جو پاڻي موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا نه رڳو والاريل ڄمون ڪشمير پر ڀارتي پنجاب به مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويندو. هن چيو ته عالمي برادري صورتحال کي باريڪ بيني سان ڏسي رهي آهي.











