سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا صوبي ۾ 3 مختلف ڪارروائين دوران 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، 2 گرفتار ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي -03 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا صوبي ۾ 3 مختلف ڪارروائين دوران 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 2 کي گرفتار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان باجوڙ ضلعي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي جٿن خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان ڳوليو ۽ …

راولپنڊي -03 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا صوبي ۾ 3 مختلف ڪارروائين دوران 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 2 کي گرفتار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان باجوڙ ضلعي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي جٿن خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان ڳوليو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ انتهائي گهربل خوارجي فريد الله سميت 3 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي هڪ ٻيو آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ ڪيو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 خوارجين کي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان بي اثر ڪري ڇڏيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته مهمند ضلعي ۾ ٿيل ٽئين مقابلي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪاميابي سان خوارجين جي هڪ ٺڪاڻي تي آپريشن ڪيو ۽ خوارجي لال امير ابراهيم سميت 2 خوارجين کي گرفتار ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو ته انهن خوارجين وٽان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا.پريس پڌرائي ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ موجود ٻي ڪنهن به خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں