ڪوئيٽا – 18 اپريل (اي پي پي)رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جي وزير اعليٰ سيڪريٽريٽ آمد تي بلوچستان جي وزيراعليٰ سرفراز بگٽي سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزير اعليٰ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال وچ ۾ اھم ملاقات ٿي، ڪڇي ڪينال سميت جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنھي اڳواڻن بلوچستان جي ترقي، وسيلن جي ورڇ ۽ منصوبه بندي تي صلاح مشورو ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان سان مڪمل سھڪار ڪري رھي آھي، ترقياتي عمل ۾ وفاقي شراڪت واکاڻ جوڳي آھي، صوبي ۾ جاري منصوبا عوامي فلاح ڏانھن درست قدم آھن. ھن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي ھم آھنگي سان بلوچستان جي ترقي يقيني بڻائينداسين ملاقات دوران صوبائي پارلياماني سيڪريٽري به موجود ھو.