لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماڊل ٽائون، لاهور ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪئي. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين وزيراعظم سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي. وزيراعظم عيد نماز کانپوءِ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي. ان موقعي تي …
وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي

مزید خبریں
لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماڊل ٽائون، لاهور ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪئي. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين وزيراعظم سان گڏ عيد نماز ادا ڪئي. وزيراعظم عيد نماز کانپوءِ ملڪ جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين عيد جي مبارڪ ڏني. عيد جي اجتماع ۾ مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام لاءِ به خاص دعا ڪئي وئي.











