لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي ڏينهن جاتي عمره رائيونڊ پهچي پنهنجي والدين، ڀاڄائي ڪلثوم نواز ۽ ڀاءُ عباس شريف جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي لاءِ دعا ڪئي. اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز به ساڻس گڏ هئا. بعد ۾ هن نواز شيف سان ملاقات ڪئي ۽ گهروارن سان عيد ملهائي. جاتي عمره ۾ ٿيل ان …
وزيراعظم شهباز شريف جي جاتي عمره آمد، نواز شريف سان ملاقات

مزید خبریں
لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عيد جي ڏينهن جاتي عمره رائيونڊ پهچي پنهنجي والدين، ڀاڄائي ڪلثوم نواز ۽ ڀاءُ عباس شريف جي قبرن تي فاتحه خواني ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي، خوشحالي لاءِ دعا ڪئي. اڳوڻو وڏو وزير حمزه شهباز ۽ سليمان شهباز به ساڻس گڏ هئا. بعد ۾ هن نواز شيف سان ملاقات ڪئي ۽ گهروارن سان عيد ملهائي. جاتي عمره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، حمزه شهباز، ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ٻيا ويجها مٽ مائٽ موجود هئا. وزيراعليٰ مريم نواز، وزيراعظم محمد شهباز شريف جو جاتي عمره پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو.











