وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو، مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن زراعت، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قازقستان جي صدر ۽ اتي جي عوام کي دلي عيد جون واڌايون پيش ڪيون. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي …

لاهور- 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن زراعت، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، قازقستان جي صدر ۽ اتي جي عوام کي دلي عيد جون واڌايون پيش ڪيون. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن ناتن جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ، ايندڙ مصروفيتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻه طرفن ناتن جي هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي اڳواڻن زراعت، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ مختلف شعبن ۾ هاڪاري اڳڀرائي کي به ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ سهڪار کي ان جي پوري سگهه تائين پهچائڻ جي پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. مئي ۾ قازقستان جو هڪ اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جو دؤرو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو هلندڙ سال جي آخر ۾ قازقستان جي صدر جو پاڪستان جي دؤري جو به منتظر آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيءَ طرح جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ مددگار ثابت ٿيندي.

مزید خبریں