اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ادارن جي گذريل هڪ سال دوران ڪارڪردگي نمايان رهي جنهن ۾ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن، ميڊيا ريگيوليشن ۽ عالمي رابطن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. اطلاعات واري وزارت پاران جوڙيل رپورٽ ۾ وزارت جي مختلف شعبن جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو آهي جن جو مقصد ملڪي ميڊيا منظرنامي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، معلومات جي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ادارن جي گذريل هڪ سال دوران ڪارڪردگي نمايان رهي، ڊيجيٽل ڪميونيڪشن، ميڊيا ريگيوليشن ۽ عالمي رابطن ۾ واضح اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف ادارن جي گذريل هڪ سال دوران ڪارڪردگي نمايان رهي جنهن ۾ ڊيجيٽل ڪميونيڪشن، ميڊيا ريگيوليشن ۽ عالمي رابطن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي. اطلاعات واري وزارت پاران جوڙيل رپورٽ ۾ وزارت جي مختلف شعبن جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو آهي جن جو مقصد ملڪي ميڊيا منظرنامي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ، معلومات جي شعبي ۾ درپيش جديد چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ، شفافيت جي ذريعي ميڊيا جي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. هڪ اهم اڳڀرائي ڊيجيٽل ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جو قيام آهي جنهن جي منظوري آڪٽوبر 2024ع ۾ ڏني وئي. اهو ادارو جديد ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ ريئل ٽائم مانيٽرنگ جي ذريعي ڊيجيٽل خطرن، غلط معلومات ۽ هائبرڊ وار فيئر جو مقابلو ڪرڻ جو ذميوار آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران مصنوعي ذهانت سان هلندڙ مانيٽرنگ سسٽم جي شروعات ميڊيا تجزيي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان حڪومتي عزم جو اظهار آهي. گذريل سال دوران پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) حڪومتي ترجيحن ۽ قومي استحڪام جي فروغ جي لاءِ ٺوس مواصلاتي حڪمت عملي لاڳو ڪئي. ان جي اهم قدمن ۾ ڊس انفارميشن جي تدارڪ جي لاءِ ميٽا نيريٽو ڪميٽي جو قيام، نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان جي تشهير ۽ 4500 کان وڌيڪ صحافين جو سهڪار شامل آهي. پي آءِ ڊي 7646 پريس ريليز، 456 پاليسي مضمون جاري ڪيا ۽ 600 کان وڌيڪ پريس ڪانفرنسون منعقد ڪيون. ان کانسواءِ حڪمت عملي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سنٽيمنٽ ايناليسز جو استعمال ڪيو ويو ۽ شهري تعليم ۽ قوم يڪجهتي تي مهارت شروع ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو هڪ ٻيو شعبو ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاڪستان جي فلم ۽ نشرياتي پاليسي تحت ميڊيا مانيٽرنگن، خبرن جي تجزين ۽ مواد جي تياري جو انتظام ڪري ٿو. هي ادارو حڪومتي ميٽا نيريٽو سان هم آهنگ موضوعاتي دستاويزي فلمون تيار ڪري رهيو آهي ۽ ميڊيا تجزيي جي لاءِ مصنوعي ذهانت سان هلندڙ مانيٽرنگ سسٽم متعارف ڪرائي چڪو آهي. ڊيمپ سفارتڪاري، سيڙپڪاري ۽ ثقافت جي فروغ جي لاءِ گهڻ انساني مواد تخليق ڪيو، گڏيل پروڊڪشنز ۾ معاونت ڪئي ۽ سرڪاري اشتهارن کي ٽريڪ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هي ادارو قومي تاريخ، قيادت ۽ ڪشمير تي ڪتاب ۽ رپورٽس پڻ شايع ڪري ٿو. مانيٽرنگ سيڪشن 400 کان وڌيڪ ٽاڪ شوز، 8 هزار کان وڌيڪ ٽڪرز، 2 هزار کان وڌيڪ بريڪنگ نيوز ۽ 100 کان وڌيڪ لائيو ايونٽس جو تجزيو ڪيو. ڊيمپ آئوٽ ريچ، نمائشون ۽ تقريبون منعقد ڪرڻ سان عالمي سطح تي پاڪستان جي تشخص کي مضبوط ڪري ٿو. سال 2024ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڊرامن، مزاحيه پروگرامن، مسيقي، ٽاڪ شوز، سفرنامن ۽ ٻارن جي پروگرامن سميت گهڻ رُخي مواد جي ذريعي شموليت ۽ ثقافتي ورثي کي فروغ ڏنو. نمايان پروگرامن ۾ ”بخت هزاري“، ”هوئي تم اجنبي“ ۽ ”سلطان عبدالحميد ثاني“ شامل هئا جڏهن ته قومي تقريبن جي ڪوريج ۽ خصوصي نشريات پڻ پيش ڪيون ويون. پي ٽي وي نيوز شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ ۽ وفاقي بجيٽ جهڙن اهم ايونٽس جي ڪوريج ڪئي جڏهن ته پي ٽي وي ورلڊ ايڇ ڊي اپ گريڊيشن مڪمل ڪئي ۽ اشارن جي زبان جون بليٽنز متعارف ڪرايون. انٽرنيشنل ريليشنز ڊويزن چين ۽ آذربائيجان سان ميڊيا تعاون جا معاهدا ڪيا جنهن سان پي ٽي وي جي معياري ۽ جامع پروگرامن جي عزم کي وڌيڪ سگهه ملي. ٻئي طرف پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بحالي جو عمل جاري آهي جنهن ۾ مالي استحڪام، انجنيئرنگ اپ گريڊ، انتظامي سڌارن ۽ مواد جي بهتري تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. بزنس پلان تحت اشتهارن، پراپرٽي ليزنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، او ٽي ٽي ۽ ڊيجيٽل بل بورڊز جي ذريعي ساليانو 3 کان 5 ارب رپين جي آمدني جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مواد جي معيار ۾ بهتري، نوجوانن جي شموليت، سوشل ميڊيا، ثقافتي سفارتڪاري، پوڊ ڪاسٽ جي فروغ ۽ ترڪيه جي حصيداري سان نئين ريڊيو پاڪستان ميوزيم جي قيام کي ترجيح ڏني پئي وڃي. قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) سمٽ، گرلز ايجوڪيشن ڪانفرنس ۽ ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس جهڙن عالمي ايونٽس جي اردو، انگريزي سميت ڪيترين ئي زبانن ۽ ملٽي ميڊيا فارميٽس ۾ ڪوريج ڪئي. اي پي پي آذر ٽيڪ (آذربائيجان) ۽ تاس (روس) سان ميڊيا جي مٽاسٽا جا معاهدا ڪيا. نوجوانن جي انٽرن شپ پروگرامز کي سگهه ڏني، صحافتي تربيت جي لاءِ يونيورسٽي آف سرگوڌا سان حصيداري ڪئي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، پوليو جي خاتمي ۽ ڪشمير جهڙن اهم قومي معاملن تي ڊيجيٽل آئوٽ ريچ کي فروغ ڏنو. پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نظم ۽ ضبط ۽ فروغ جو ذميوار اهي ته جيئن مواد جي تنوع، معيار ۽ مثبت قومي تشخص کي يقيني بڻائي سگهجي. هي ادارو 142 سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز، 171 ايف ايم ريڊيو اسٽيشنز ۽ 3587 ڪيبل نيٽ ورڪس جي نگراني ڪري رهيو آهي. گذريل سال پيمرا ٻن سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز، هڪ ايف ايم اسٽيشن ۽ 92 ڪيبل نيٽ ورڪس جا لائيسنس جاري ڪيا. ان جي مصنوعي ذهانت تي ٻڌل مانيٽرنگ سسٽم ڪوريج 50 کان وڌي 250 ٽي وي چينلز تائين ڪري ڇڏي. پيمرا ميڊيا اخلاقيات تي تربيتي سيشنز منعقد ڪيا ۽ جعلي خبرن جي خلاف گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) سان حصيداري ڪئي. پيمرا ترميمي ايڪٽ 2023ع ان جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو جنهن سان ميڊيا سيڪٽر جي ترقي ۽ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ٿيو. پريس ڪائونسل آف پاڪستان پرنٽ ميڊيا ۾ صحافت جي آزادي جي تحفظ ۽ اخلاقي معيارن جي لاڳو جو ذميوار آهي. هن 21 شڪايتن جو ازالو ڪيو، 11 شڪايتون سٽينز پورٽل ذريعي حل ڪيون ۽ اخلاقي خلاف ورزين جي لاءِ 55 پاڻمرادو نوٽيس ورتا. قدمن ۾ ميڊيا ايٿڪس ٽريننگ روم، آئوٽ ريچ پروگرامز ۽ پي ايف يو جي ۽ سي پي اين اي سان تعاون شامل آهي. پريس ڪائونسل آف پاڪستان عالمي فورمز تي ميڊيا اخلاقيات جي حوالي سان پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪري ٿو. انفارميشن سروس اڪيڊمي پنهنجي 41هين اسپيشلائيزڊ ٽريننگ پروگرام تحت 14 آفيسرن کي تربيت ڏني جڏهن ته ڊيجيٽل ٽولز، اي پروڪيورمنٽ ۽ انتهاپسندي جي خلاف قدمن تي ورڪشاپس منعقد ڪيا، مالديپ جي ميڊيا ٽريننگ ۽ گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي سيشن جي ميزباني پڻ ڪئي. 25 – 2024ع جي لاءِ انفارميشن سروس اڪيڊمي 100 ملين رپين جي بجيٽ سان ميڊيا پروفيشنلز جي ترقي جي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن. ايڪسٽرنل پبلسٽي (اي پي) ونگ سياحت ۽ ثقافتي سفارتڪاري کي فروغ ڏنو، ميڊيا وفدن ۽ دستاويزي فلمن ۾ معاونت فراهم ڪئي جن ۾ روسي ٽي وي جي سفري فلم ۽ نيٽ فلڪس جي Super Rich Strangers شامل آهن. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ بلومبرگ جهڙن عالمي ميڊيا ادارن جي ذريعي اقتصادي ڪوريج ۾ معاونت فراهم ڪئي ۽ ڪوريا – پاڪستان ڪلچرل ويڪ جي گڏيل ميزباني ڪئي. ان کانسواءِ اي پي ونگ 2024ع جي ايس سي او سمٽ ۽ پاڪستان جي چونڊن جي عالمي سطح تي موثر ڪوريج کي پڻ يقيني بڻايو. فيبروري 2024ع کان جنوري 2025ع تائين پريس رجسٽرار اخبارن ۽ رسالن جي لاءِ 94 اين او سيز ۽ 189 رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جڏهن ته خابرو ايجنسين جي لاءِ 4 سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا. ڪنهن نئين پرنٽنگ پريس جي رجسٽريشن نه ڪئي وئي. سينٽرل بورڊ آف فلم سينسرز ڊيجيٽل سئنيما پرجيڪٽر ۽ سهولتن جي ذريعي پنهنجي آپريشنز کي جديد بڻايو. 316 فلمن جي سينسرنگ مڪمل ڪئي ۽ 3.9 ملين رپين جي آمدني حاصل ڪئي. نئين ڊيجيٽل اسڪريننگ سسٽم ڪارڪردگي ۽ ڌرين جي اطمينان ۾ نمايان بهتري پيدا ڪئي. اهڙي طرح دي امپلي مينٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايمپلائيز (آءِ ٽي اين اي) اٺين ويج بورڊ ايوارڊ جو لاڳو ٿيڻ يقيني بڻايو، 366 ڪيسز اڪلايا ۽ ملازمن کي 55.4 ملين رپين جي ادائيگي ڪئي. 34 ملين رپين جي بجيٽ سان هِن اداري اجرت جي حقن جي تحفظ ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون آهن.











