واشنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق فاطمي اهم آمريڪي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ هن پاڪ- آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري واپار ۽ـ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن، علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب خاص مددگار سينيئر بورڊ آفيشل وقتي سياسي معاملن بابت …
پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار جي اهم آمريڪي عملدارن سان ملاقاتون

مزید خبریں
واشنگٽن-27 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار سيد طارق فاطمي اهم آمريڪي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ هن پاڪ- آمريڪا ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري واپار ۽ـ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن، علائقائي صورتحال ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري پريس رليز موجب خاص مددگار سينيئر بورڊ آفيشل وقتي سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري آف اسٽيٽ ليزاڪينا ۽ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت سينيئر ڊائريڪٽر نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل رڪي گل سان ملاقات ڪئي. هن رينڪنگ ميمبر ڪانگريس ميمبر گريگوري ميڪس، ڏکڻ ۽ وچ ايشيا بابت ذيلي ڪميٽي جي چيئرمين، ايوان جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي ڪانگريس ميمبر بل هوزينگ ۽ سينيٽر جم بينڪس سان به ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رضوان سعيد شيخ به موجود هو. آمريڪي اڳواڻن سان ملاقاتن دوران خاص مددگار پاڪستان حڪومت جي اقتصادي ترجيحن تي روشني وڌي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۾ معاشي اهڃاڻ ۾ واضح بهتري آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف ۽ـ ورلڊ بئنڪ طرفان معاشي اهڃاڻن ۾ بهتريءَ جو اعتراف ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معيشت صحيح رُخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته پاڪ- آمريڪا لاڳاپن ۾ واپار ۽ سيرپڪاري پهرين ترجيح آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا بي پناهه امڪان موجود آهن جنهن سان نه صرف ٻنهي ملڪن جي ڪاروبار کي فائدو پهچندو پر خطي جي معيشت تي به هاڪاري اثر پوندا.










