وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران ڪلمت ۾ مسافرن تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي ڪلمت ۾ بس مان مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو، بي گناهه ماڻهن جي ناحق قتل ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. ڪالهه وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو …

اسلام آباد-27 مارچ (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بلوچستان جي علائقي ڪلمت ۾ بس مان مسافرن کي لاهي فائرنگ ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن بزدلاڻيون ڪارروايون ڪري معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو، بي گناهه ماڻهن جي ناحق قتل ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. ڪالهه وفاقي گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻن جي مارجڻ تي افسوس جو اظهارڪيو. وفاقي گهرو وزير مارجي ويلن جي وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ هو ته سڃاڻپ ڪري مسافرن کي نشانو بڻائڻ وحشتپڻو آهي، مارجي ويلن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون قوم جي دهشتگردي خلاف پختي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن.

مزید خبریں