ماسڪو-21 فيبروري (اي پي پي) روسي صدر ولاديمير پيوٽن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪري آمريڪا سان ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.ميڊيا رپورتن موجب روسي صدر چيو ته سعودي قيادت ڳالهين لاءِ سٺو ماحول فراهم ڪيو، فون ڪال دوران ولاديمير پيوٽن ۽ شهزادي محمدبن سلمان تيل مارڪيٽ جي استحڪام جي اهميت ۽ اوپيڪ پلس اندر سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون.روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب روس چيو آهي ته آمريڪي ڳالهيون اڳوڻي آمريڪي انتظاميا پاران پيدا ڪيل عالمي مسئلن جي حل جي شروعات آهن. شهزادي محمد بن سلمان جي اڳواڻي ۾ سعودي عرب دنيا ۾ سلامتي ۽ امن وڌائڻ وارين سعودي ڪوششن جي حصي طور رياض ۾ روس ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني ڪئي.