واشنگٽن _21 فيبروري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برڪس ملڪن کي ڊالر جو متبادل ڳولڻ تي 150 سيڪڙو ٽيرف جي ڌمڪي ڏني آهي. پرڏيهي ايجنسي موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن برڪس ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته هو آمريڪي ڊالر جو متبادل پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش تي 150 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪندو. هن واشنگٽن ۾ ريپبلڪن گورنرز ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي چيو ته برڪس ملڪ نئين ڪرنسي ٺاهڻ چاهين ٿا ۽ آمريڪي ڪرنسي ڊالر کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن اها به تجويز ڪئي ته برڪس چيني يوآن کي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته برڪس ملڪن جيڪڏهن ائين ڪيو ته انهن کان 150 سيڪڙو ٽيرف وصول ڪيو ويندو. واضع رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرف پهريان چيو هو ته هو برڪس ملڪن کان روانگي واپار تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪندو . جيڪڏهن هو پنهنجي ڪرنسي قائم ڪن يا ڊالر ڇڏين.