نئين دهلي- 21 جنوري (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي - 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 جنوري تي ايڊن گارڊنز، ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف پنجن ٽي - 20 ۽ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ انگلينڊ …
ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن جي سيريز جي پهرين ٽي- 20 ميچ 22 جنوري تي کيڏي ويندي
نئين دهلي- 21 جنوري (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – 20 عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 22 جنوري تي ايڊن گارڊنز، ڪولڪتا ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف پنجن ٽي – 20 ۽ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – 20 ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 22 جنوري کان پهرين ميچ سان ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ٽي- 20 ميچ 25 جنوري، ٽئين 28 جنوري، چوٿين 31 جنوري جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي – 20 ميچ 2 فيبروري تي کيڏي ويندي.











