ڪرائسٽ چرچ -27 نومبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 28 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين هيگلي اوول، ڪرائيسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ نيوزيلينڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ جان ڊيوس اوول، ڪوئنزٽان واري هنڌ کيڏيل ٻن ڏينهن واري وارم اپ ميچ بنان نتيجي ختم ٿي وئي هئي . انگلينڊ …
نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 28 نومبر کان شروع ٿيندي
ڪرائسٽ چرچ -27 نومبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 28 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين هيگلي اوول، ڪرائيسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ نيوزيلينڊ اليون ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ جان ڊيوس اوول، ڪوئنزٽان واري هنڌ کيڏيل ٻن ڏينهن واري وارم اپ ميچ بنان نتيجي ختم ٿي وئي هئي . انگلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي باضابطه شروعات 28 نومبر تي شروع ٿيندڙ پهرين ميچ سان ٿيندي. اها ميچ 28 نومبر کان 2 ڊسمبر تائين هيگلي اوول ، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ نيوزيلينڊ ٽيم جي اڳواڻي بهترين بيٽسمين ٽام ليٿم ڪندو ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 ڊسمبر تائين بيسن ريزرو، ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 14 کان 18 ڊسمبر تائين سڊني پارڪ، هيملٽن ۾ کيڏي ويندي.











