هراري- 19 نومبر (اي پي پي) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ (زيڊ سي بي) پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز لاءِ ڌار ڌار اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان خلاف 15رڪني ون ڊي ۽ 15 رڪني ٽي ٽونٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت ڪريگ ايروائن ڪندو، جڏهن ته ٽي ٽونٽي جي قيادت سڪندر رضا ڪندو. پاڪستان …
زمبابوي پاران پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽونٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان
هراري- 19 نومبر (اي پي پي) زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ (زيڊ سي بي) پاڪستان خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي 20 ميچن جي سيريز لاءِ ڌار ڌار اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ، پاڪستان خلاف 15رڪني ون ڊي ۽ 15 رڪني ٽي ٽونٽي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. ون ڊي اسڪواڊ جي قيادت ڪريگ ايروائن ڪندو، جڏهن ته ٽي ٽونٽي جي قيادت سڪندر رضا ڪندو. پاڪستان ٽيم آسٽريليا کان سڌي ريت زمبابوي پهچندي جتي هو ميزبان زمبابوي جي ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 24 نومبر، ٻين ون ڊي 26 نومبر جڏهن ته ٽين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري ميچ 28 نومبر تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز جا ٽئي ميچز ڪوئنز اسپورٽس ڪلب، بلاوايو ۾ کيڏيا ويندا. پاڪستان خلاف زمبابوي جي 15 رڪني ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪريگ ايروائن(ڪپتان)، فراز اڪرم، برائن بينيٽ، جويلورڊ گمبي، ٽريور گوڳانڊو، ڪلائيو مذانڊي، ٽينو ٽينڊا ماپوسا، تاديوانا شي ماروماني، برينڊن ماوتا، تشنگا موسيڪيوا، بليسنگ مزار اباني، سيچراران، رجرڊان، سيڪران ۽ ڊيوٽي وليمز شامل آهن. ٽن ٽي 20 ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني زمبابوي جي ٽيم سڪندر رضا(ڪپتان)، فراز اڪرم، برائن بينيٽ، ريان برل، ٽريور گوانڊو، ڪلائيو مڊاندي، ويزل ماڌويري، ٽينوٽينڊا ماپوسا، تاديوانا شي ماروماني، ويلنگٽن مساڪادذا، برينڊن ماوتا، تاشنگا مووتا، مائي ڇاربنگ، مائيڪروسا ۽ مائيڪرزنگروا تي ٻڌل آهي.











