پيرس-08 نومبر (اي پي پي) انگلينڊ جو مشهور ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري پنهنجي شاندار راند جو سلسلو برقرار رکندي اي ٽي پي موزيل اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو . 29 سالن جو برطانوي ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري جولاءِ 2024 ع بعد ٽيون ڀيرو اي ٽي پي ٽور تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي .ڪيمرون نوري مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل …
ڪيمرون نوري اي ٽي پي موزيل اوپن ٽينس ٽورنامينٽ مينز سنگلز فائنل ۾ داخل
پيرس-08 نومبر (اي پي پي) انگلينڊ جو مشهور ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري پنهنجي شاندار راند جو سلسلو برقرار رکندي اي ٽي پي موزيل اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مردن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويو . 29 سالن جو برطانوي ٽينس اسٽار ڪيمرون نوري جولاءِ 2024 ع بعد ٽيون ڀيرو اي ٽي پي ٽور تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي .ڪيمرون نوري مينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ بيلجيئم جي حريف رانديگر زيزوبرگس کي شڪست ڏني . اي ٽي پي موزيل اوپن ٽينس جو 21 هون ايڊيشن فرانس جي مشهور شهر ميٽز ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.











