ممبئي _ 31 آڪٽوبر (اي پي پي )ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ پهرين نومبر تي وانکنڊي اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي . مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 16 آڪٽوبر کان 20 آڪٽوبر تائين بنگلور ۾ کيڏيل ٽن …
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 16 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
ممبئي _ 31 آڪٽوبر (اي پي پي )ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ پهرين نومبر تي وانکنڊي اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي . مهمان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ميزبان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 16 آڪٽوبر کان 20 آڪٽوبر تائين بنگلور ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي سيريز جي شروعاتي ٽيسٽ ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته 24 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر تائين ، پونا ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان ڀارتي ٽيم کي 113 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي . ڀارتي ٽيم جي روهت شرما اڳواڻي ڪري رهيو آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جي قيادت ٽام ليٿم ڪري رهيو آهي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين نومبر تي ممبئي ۾ کيڏي ويندي.










