ڪينبرا-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا ( سي اي ) جي اهتمام هيٺ ويمنز بگ بيش ليگ جو ڏهون ايڊيشن آسٽريليا ۾ شروع ٿي چڪو آهي، ليگ ۾ 16 آڪٽوبر تي وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ دفاعي چيمپئين ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ۽ سڊني ٿنڊرز جي وومين ٽيمن وچ ۾ نارٿ سڊني اوول، سڊني ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ سڊني سلسرز ۽ ميلبورن اسٽارز جي ٽيمن وچ …
ويمنز بگ بيش ۾ اڄ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
ڪينبرا-31 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪرڪيٽ آسٽريليا ( سي اي ) جي اهتمام هيٺ ويمنز بگ بيش ليگ جو ڏهون ايڊيشن آسٽريليا ۾ شروع ٿي چڪو آهي، ليگ ۾ 16 آڪٽوبر تي وڌيڪ ٻه ميچون کيڏيون وينديون. پهرين ميچ دفاعي چيمپئين ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ۽ سڊني ٿنڊرز جي وومين ٽيمن وچ ۾ نارٿ سڊني اوول، سڊني ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ سڊني سلسرز ۽ ميلبورن اسٽارز جي ٽيمن وچ ۾ نارٿ سڊني اوول، سڊني ۾ ئي کيڏي ويندي . ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون جن ۾ دفاعي چيمپئين ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ، برسبين هيٽ، هوبارٽ هريڪنز، ميلبورن رينيگڊز، ميلبورن اسٽارز، پرٿ رچرز، سڊني سڪسرز ۽ سڊني ٿنڊرز شامل آهن. ٽورنامينٽ ۾ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جي ٽيم ٽائٽل جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ٽائٽل ڊبل رائونڊ روبن ۽ ناڪ آئوٽ فائنلز جي بنياد تي کيڏيو پيو وڃي. ليگ ۾ فائنل سميت 43 ميچون ٿينديون. ڊبليو بي بي ايل جي ڏهين ايڊيشن ۾ شامل 8 ٽيمن وچ ۾ 40 ليگ ميچون کيڏيون وينديون جنهن کان پوءِ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ فائنل سميت ٽي ميچون کيڏيون وينديون.










