لنڊن -18 آڪٽوبر (اي پي پي )انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 19 آڪٽوبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال راند جي مداحن کي تمام دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ٽوٽنهم هاٽ پور ۽ ويسٽ هيم يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ فلهم ۽ آسٽن ولا جي ٽيمن …
انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 19 آڪٽوبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو

مزید خبریں
لنڊن -18 آڪٽوبر (اي پي پي )انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 19 آڪٽوبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال راند جي مداحن کي تمام دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ ٽوٽنهم هاٽ پور ۽ ويسٽ هيم يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽوٽنهم هاٽ پور اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ فلهم ۽ آسٽن ولا جي ٽيمن وچ ۾ ڪريون ڪاٽيج ، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ ايپسوچ ٽائون ايورٽن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ پورٽ مين روڊ ، ايپسوچ ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ميچ مانچيسٽر يونائيٽڊ ۽ برينٽ فورڊ جي ٽيمن وچ ۾ اولڊ ٽريفورڊ، مانچيسٽر ۾ کيڏي ويندي، پنجين ميچ نيوڪيسل يونائيٽڊ ۽ براٽن هووالبيون جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ جيمز پارڪ، نيوڪسيل اپون ٽائن، انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي، ڇهين ميچ ۾ سائوٿمپٽن ۽ ليسٽرسٽي جون ٽيمون سينٽ ميري اسٽيڊيم، سائوٿمپٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون. 19 آڪٽوبر تي ستين ۽ آخري ميچ بورن ماٿ ۽ آرسنل وچ ۾ وائٽلٽي اسٽيڊيم، بورن ماٿ م کيڏي ويندي .










