ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ آئي سي سي ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيون سيمي فائنل 18 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو

شارجه-17 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي - ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيون سيمي فائنل ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 18 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو. اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو …

شارجه-17 آڪٽوبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ يو اي اي ۾ جاري ويمنز ٽي – ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٻيون سيمي فائنل ويسٽ انڊيز ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 18 آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو. اها ميچ شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، شارجه ۾ کيڏي ويندي. آئي سي سي ويمنز ٽي- ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن جي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو گڏيل عرب امارات ۾ جاري آهي جنهن ۾ مداحن کي بهترين ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ ملي رهي آهي. ميگا ايونٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي. ميگا ايونٽ ۾ 10 عورتاڻيون ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ آمهون سامهون هيون جنهن ۾ آسٽريلوي ويمن ٽيم ٽائٽل جي دفاع لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ سيمي فائنل ۾ پهچي چڪي آهي. ميگا ٽورنامينٽ 20 ميچن کان پوءِ سيمي فائنل رائونڊ ۾ پهچي چڪو آهي جنهن جو ٻيون سيمي فائنل 18 آڪٽوبر تي ۽ فائنل 20 آڪٽوبر تي شيڊول آهي.