پاڪستان انگلينڊ خلاف ٻئي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 366 رنسون ٺاهي آئوٽ، انگلينڊ 6 وڪيٽن تي 239 رنسون ٺاهي ورتيون

ملتان-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ملتان ۾ جاري پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي مهمان ٽيم انگلينڊ، پاڪستان جي پهرين اننگز جي 366 رنسن جي جواب ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ 127 رنسن جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ طرفان بين ڊڪٽ 114 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جو روٽ 34، اولي …

ملتان-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ملتان ۾ جاري پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي مهمان ٽيم انگلينڊ، پاڪستان جي پهرين اننگز جي 366 رنسن جي جواب ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسون ٺاهي ورتيون. پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ 127 رنسن جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ طرفان بين ڊڪٽ 114 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، جو روٽ 34، اولي پوپ 29 ۽ زيڪ ڪراولي 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، هيري بروڪ 9 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان ساجد خان 4 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته نعمان علي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ان کان اڳ پهرين اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم 366 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي هئي. ٻئي ڏينهن پاڪستان پنهنجي ڇڏيل اننگز جي شروعات 5 وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسن سان ڪئي ته صرف 5 رنس جي اضافي تي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته بعد ۾ سلمان علي آغا به وڌيڪ دير تائين ٽِڪي نه سگهيو ۽ 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. قومي ٽيم کي 8هون نقصان ساجد خان جي شڪل ۾ کڻڻو پيو، ساجد خان 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ عامر جمال 37 ۽ نعمان علي 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. پهرين اننگز ۾ انگلينڊ طرفان جيڪ ليچ چار، برائيڊن ڪارس 3، ميٿيو پوٽس 2 جڏهن شعيب بشير هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.