انگلينڊ سٺو کيڏيو ۽ کٽي ويو، انگلينڊ اسان کي سيکاريو ته ڪيئن ڪاميابي لاءِ رستو ڪڍڻو آهي: شان مسعود

ملتان-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻي، انگلينڊ اسان کي سيکاريو ته ڪيئن ڪاميابي لاءِ رستو ڪڍڻو آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه جمعي ڏينهن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ هٿان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. شان مسعود چيو ته اسان پچ کي تمام …

ملتان-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين ٽيسٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪاميابي ماڻي، انگلينڊ اسان کي سيکاريو ته ڪيئن ڪاميابي لاءِ رستو ڪڍڻو آهي. اها ڳالهه هن ڪالهه جمعي ڏينهن ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ هٿان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. شان مسعود چيو ته اسان پچ کي تمام گهڻو معمولي وٺندا آهيون، اميد هئي ته ملتان جي پڇ جلد ٽٽندي، اسان پوري ڪوشش ڪئي ته پهرين اننگز کي ڊگهو کيڏون، اسان جي ۽ انگلينڊ جي ٽيم هڪجهڙي هئي، پنجن ڏينهن جي ميچ ۾ ڪنڊيشنز تبديل ٿينديون رهنديون آهن، ميچ جي چوٿين ۽ پنجين ڏينهن ون ڊي واري پچ نه هئي، ان ڳالهه تي مايوس آهيون ته اسان هارائي وياسين، انگلش رانديگرن بهترين پلان ڪري کيڏيو ۽ کٽي ويا.