سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ اڄ کان شروع ٿيندي

گال _ 25 سيٽمبر (اي پي پي )سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ (اڄ ) خميس ڏينهن کان 30 سيپٽمبر تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم، گال ۾ شروع ٿيندي. ميزبان آئيلينڊرز کي مهمان ڪيوي ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي . سريلنڪا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 63 رنسن تان شڪست …

گال _ 25 سيٽمبر (اي پي پي )سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ (اڄ ) خميس ڏينهن کان 30 سيپٽمبر تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم، گال ۾ شروع ٿيندي. ميزبان آئيلينڊرز کي مهمان ڪيوي ٽيم خلاف سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي . سريلنڪا پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 63 رنسن تان شڪست ڏني هئي . نيوزيلينڊ جي مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان آئيلينڊرز خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي.