اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ساف انڊر 17-فٽ بال چيمپئين شپ 2024ع ۾ پاڪستان پنھنجي گروپ جي آخري ۽ ٽئين ميچ سريلنڪا خلاف 25 سيپٽمبر تي ڀوٽان ۾ کيڏندو. قومي ٽيم جي ھيڊ ڪوچ سجاد محمود ٻڌايو ته قومي ٽيم جا رانديگر ساف انڊر 17-فٽ بال چيمپئين شپ 2024ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري رھيا آھن ۽ ھيستائين قومي ٽيم پنھنجي گروپ جون 02 ميچون کيڏيون آھن ۽ …
ساف انڊر – 17 فٽ بال چيمپئين شپ ۾ پاڪستان پنھنجي گروپ جي آخري ۽ ٽئين ميچ سريلنڪا خلاف 25 سيپٽمبر تي کيڏندو

مزید خبریں
اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) ساف انڊر 17-فٽ بال چيمپئين شپ 2024ع ۾ پاڪستان پنھنجي گروپ جي آخري ۽ ٽئين ميچ سريلنڪا خلاف 25 سيپٽمبر تي ڀوٽان ۾ کيڏندو. قومي ٽيم جي ھيڊ ڪوچ سجاد محمود ٻڌايو ته قومي ٽيم جا رانديگر ساف انڊر 17-فٽ بال چيمپئين شپ 2024ع ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاھرو ڪري رھيا آھن ۽ ھيستائين قومي ٽيم پنھنجي گروپ جون 02 ميچون کيڏيون آھن ۽ پھرين ميچ ۾ نيپال خلاف سخت مقابلي بعد 1-0 گول تان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ٻي ميچ ميزبان ڀوٽان خلاف 3-3 گول تان برابر رهي. پاڪستان پنھنجي گروپ جي آخري ۽ ٽئين ميچ سريلنڪا خلاف 25 سيپٽمبر تي کيڏندو. چيمپئين شپ 30 سيپٽمبر تائين جاري رھندي.











