اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته سفارتي مصروفيتن ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي تيارين کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ نه ويندو. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين …
سينيٽر اسحاق ڊار سفارتي مصروفيتن سبب جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ نه ويندو: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي، ته سفارتي مصروفيتن ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي تيارين کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ نه ويندو. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي شرڪت بابت ميڊيا جي قياس آرائين جي حوالي سان وضاحت ڪندي ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت واري پروگرام ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.












