گال-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 18 کان 23 سيپٽمبر تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري تي آهي، جتي اها ميزبان آئيلينڊرز خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 18 سيپٽمبر کان گال ۾ شروع ٿيندي. 2 …
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 18 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
گال-16 سيپٽمبر (اي پي پي) سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 18 کان 23 سيپٽمبر تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم ۾ شروع ٿيندي. نيوزيلينڊ مردن جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا جي دوري تي آهي، جتي اها ميزبان آئيلينڊرز خلاف 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 18 سيپٽمبر کان گال ۾ شروع ٿيندي. 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مهمان نيوزيلينڊ ٽيم جي قيادت مشهور فاسٽ بالر ٽم سائوٿي ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ميچ 26 کان 30 سيپٽمبر تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم، گال ۾ کيڏي ويندي.











