راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان پنهنجي اسڪواڊ ۾ ڪجهه تبديليُون ڪيُون آهن، ابرار احمد ۽ ڪامران غلام کي ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻنهي رانديگرن کي پهرين ٽيسٽ جي شروعات کان اڳ بنگلاديش اي خلاف چئن ڏينهن واري ميچ ۾ شرڪت لاءِ …
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، پاڪستاني اسڪواڊ ۾ ڪجهه تبديليُون، ابرار احمد ۽ ڪامران غلام ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل

مزید خبریں
راولپنڊي-28 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 30 آگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين راولپنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، پاڪستان پنهنجي اسڪواڊ ۾ ڪجهه تبديليُون ڪيُون آهن، ابرار احمد ۽ ڪامران غلام کي ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ پاڪستاني ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻنهي رانديگرن کي پهرين ٽيسٽ جي شروعات کان اڳ بنگلاديش اي خلاف چئن ڏينهن واري ميچ ۾ شرڪت لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ تان رليز ڪيو ويو هو. فٽنيس مسئلن سبب پهرين ٽيسٽ ميچ کان ريليز ٿيل آل رائونڊر عامر جمال کي واپس گهرايو ويو آهي جڏهن ته سندس شرڪت فٽنيس سان مشروط آهي. فاسٽ بالر شاهين شاه آفريدي پڻ اسڪواڊ جوائن ڪري ورتو آهي، جنهن کي سندس پٽ جي پيدائش کان پوءِ پهرين ٽيسٽ جي پڄاڻي تي ٽيم مان رليز ڪيو ويو هو. بنگلاديش کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي،پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مهمان ٽيم 10 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.











