نيويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ، ميئر ايرڪ ايڊم ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪين جي شرڪت

نيويارڪ -26 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نيويارڪ سٽي جي ميئر ايرڪ ايڊم، آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين شرڪت ڪئي. اڪثر پاڪستاني قومي لباس ۾ هئا. نيويارڪ جي ميئر ايرڪ ايڊم پاڪستانين جي ميڙاڪي جي آجيان ڪئي ۽ کين يوم آزادي …

نيويارڪ -26 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ پاڪستان جي آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان پريڊ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ نيويارڪ سٽي جي ميئر ايرڪ ايڊم، آمريڪن پاڪستاني پبلڪ افيئرز ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني ڄاون آمريڪي شهرين شرڪت ڪئي. اڪثر پاڪستاني قومي لباس ۾ هئا. نيويارڪ جي ميئر ايرڪ ايڊم پاڪستانين جي ميڙاڪي جي آجيان ڪئي ۽ کين يوم آزادي جون مبارڪون ڏنيون. هنن پاڪستان زنده باد ۽ قائداعظم زنده باد جي نعرن وچ ۾ چيو ته پاڪستاني برادري جو دوست آهيان ۽ هميشه رهندس. پريڊ جي قيادت نيويارڪ پوليس ڊپارٽمينٽ جي هڪ يونٽ ۽ بينڊ ڪئي. نيويارڪ پوليس ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ پاڪستاني آمريڪين جي هڪ گروپ پڻ پريڊ سان مارچ ڪيو.