پي سي بي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي باقي ٻن ڏينهن لاءِ شوقينن جي داخلا مفت ڪري ڇڏي

راولپنڊي-23 آگسٽ (اي پي پي) پي سي بي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي باقي ٻن ڏينهن لاءِ شوقينن جي داخلا مفت ڪري ڇڏي آهي. اهو فيصلو ويڪ اينڊ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي آهي جنهن سان فيمليز ۽ شاگرن کي راند ڏسڻ جو موقعو ملي سگهندو. شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ يا بي فارم …

راولپنڊي-23 آگسٽ (اي پي پي) پي سي بي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي باقي ٻن ڏينهن لاءِ شوقينن جي داخلا مفت ڪري ڇڏي آهي. اهو فيصلو ويڪ اينڊ کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي آهي جنهن سان فيمليز ۽ شاگرن کي راند ڏسڻ جو موقعو ملي سگهندو. شوقينن کي اسٽيڊيم ۾ داخلا لاءِ پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ يا بي فارم آڻڻو پوندو. شوقين ڪنهن به وي آءِ پي انڪلوزرز (عمران خان ۽ جاويد ميانداد)صرف فيمليز لاءِ ۽ (پريميم انڪلوزرز ميران بخش، شعيب اختر، سهيل تنوير ۽ ياسر عرفات) ۾ ايڪشن کي مفت ۾ ڏسي سگهندا. پي سي بي گئلري يا پلاٽينم باڪس لاءِ خريد ڪيل ٽيڪٽن تي مفت داخلا جي پاليسي لاڳو نٿي ٿئي. اڳ کان خريد ڪيل ٽڪيٽن جي رقم واپس ڪئي ويندي. شوقينن جي سهولت لاءِ ٻن روٽن تي مفت شٽل سروس هلندي رهندي.