حيدرآباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي جتان هميشه محبت جو پيغام مليو آهي، ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪنداسين، جيستائين ڀٽائي ۽ قلندر جون دعائون آهن سنڌ کي ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت شاهه عبداللطيف رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي پڄاڻي تي مزار تي حاضري بري …
ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪنداسين، جيستائين ڀٽائي ۽ قلندر جون دعائون آهن سنڌ کي ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
حيدرآباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي جتان هميشه محبت جو پيغام مليو آهي، ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪنداسين، جيستائين ڀٽائي ۽ قلندر جون دعائون آهن سنڌ کي ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت شاهه عبداللطيف رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي پڄاڻي تي مزار تي حاضري بري چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام آفاقي ۽ عالمي ڀائيچاري وارو آهي. وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي دعوت ڏيڻ واري سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون ته نه وڃي رهيو آهيان پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڃي رهيو آهي، هو ان پارٽي جو چيئرمين آهي جيڪا چئني صوبائي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ ۾ موجود آهي، هو سنڌ صوبي جي نه پر پوري پاڪستان جي عوام جي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندو ۽ جيڪي اسان جا مسئلا آهن انهن کي اٿاريندو. سنڌ ۾ امن امان بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته هن وقت امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سنڌ صوبو پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي هنڌ کان گهٽ محفوظ نه آهي، ٻين صوبن ۾ دهشتگردي جا مسئلا آهن، ڪراچي ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم گهٽ ٿيو آهي ۽ سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون پڻ گهٽيون آهن، ڪيترائي ڌاڙيل مارجي ويا آهن يا گرفتار ٿيا آهن. سنڌ حڪومت جي ايڪشن سبب ڌاڙيل پنهنجي ٻرن مان نڪري ڪنهن پوليس چوڪي تي بزدلاڻو حملو ڪن ٿا ته ڪڏهن وري ٻي واردات ڪن ٿا. وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن جي ناسور کي ختم ڪيو ويندو، اسان جي حڪومت پوليس، رينجرز ۽ فوج جي به مدد وٺندي رهندي آهي، انهن ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين ڀٽائي ۽ قلندر جون دعائون آهن سنڌ کي ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي. وزيراعلي پنجاب ۽ وزير اعليٰ سنڌ آمهون سامهون هئڻ بابت سوال تي هن چيو ته ڪير به آمهون سامهون نه آهي عوام جا مسئلا آهن، بجلي جي حوالي سان اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم سان ڳالهائيندو، اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال تي هن چيو ته موٽرويز وفاق تعمير ڪندو آهي، انتهائي احترام سان وفاقي حڪومت کي پهريون ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا آئون شڪايت ڪري چڪو آهيان ته سنڌ ۾ انهن ڪو موٽروي تعمير ناهي ڪيو، ملتان کان سکر تائين 150 ڪلوميٽر سنڌ اندر موٽروي روڊ آهي، ان کان سواءِ سکر کان ڪراچي تائين موٽروي نه ٺهيو آهي، اها ڳالهه نه صرف موجوده وزيراعظم پر ان کان اڳوڻي وزيراعظم کي به چئي چڪو آهيان. هن چيو ته پنجاب کان ڪجهه صحافي آيا هئا انهن سنڌ جا روڊ ڏسي چيو ته اهڙا بهتر روڊ صوبائي حڪومت پاران ڪنهن ٻئي صوبي ۾ تعمير نه ڪيا ويا آهن، اسين وفاق کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو سنڌ ۾ موٽروي جو ڄاروڇائين. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي حاضري ڏيئي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري، شاهه جو راڳ ٻڌو، مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا تقسيم ڪيا ۽ مهمانن جي ڪتابن ۾ پنهنجا تاثر درج ڪيا.











