يوڪرين جي حمايت ۾ گهٽتائي بابت افواهون غلط آهن، ايندڙ سال 4 ارب يورو جي فوجي امداد ڏيڻ جو منصوبو آهي: جرمني

برلن _21 آگسٽ (اي پي پي) جرمني يوڪرين جي حمايت ۾ گهٽتائي بابت ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جرمن چانسلر اولاف شولز چيو آهي ته اسان يوڪرين جي حمايت جاري رکنداسين ۽ حڪومت ايندڙ سال ڪيف لاءِ 4 ارب يورو جي فوجي امداد رکڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جيڪو ڪنهن به ٻئي يورپي ملڪ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ان کان علاوه گروپ آف …

برلن _21 آگسٽ (اي پي پي) جرمني يوڪرين جي حمايت ۾ گهٽتائي بابت ڳالهين کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جرمن چانسلر اولاف شولز چيو آهي ته اسان يوڪرين جي حمايت جاري رکنداسين ۽ حڪومت ايندڙ سال ڪيف لاءِ 4 ارب يورو جي فوجي امداد رکڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جيڪو ڪنهن به ٻئي يورپي ملڪ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ان کان علاوه گروپ آف سيون جي فيصلي مطابق يوڪرين کي 50 ارب يورو جو قرض به ملندو جنهن تي وياج جي رقم روس جي منجمند ٿيل اثاثن مان حاصل ٿيندڙ رقم مان ادا ڪئي ويندي.