سنسناٽي اوپن ٽينس مقابلن ۾ اٽلي جي ٽينس اسٽار مينز سنگلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

اوهائيو- 20 آگسٽ (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون جينڪ سنر اي ٽي پي سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي، پنهنجي ملڪ طرفان هو اهو ايونٽ کٽندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. 23 سالن جي اٽلي جي اسٽار رانديگر مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 26 سالن جي آمريڪي مخالف ٽينس رانديگر فرانسس ٽيافو کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سنسناٽي اوپن ٽينس …

اوهائيو- 20 آگسٽ (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون جينڪ سنر اي ٽي پي سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي، پنهنجي ملڪ طرفان هو اهو ايونٽ کٽندڙ پهريون رانديگر بڻجي ويو. 23 سالن جي اٽلي جي اسٽار رانديگر مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 26 سالن جي آمريڪي مخالف ٽينس رانديگر فرانسس ٽيافو کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي. آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر سنسناٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ان فتح بعد جينڪ سنر جي اي ٽي پي ٽائيٽلز جو انگ 15 ٿي ويو آهي.هن چيو ته سندس هاڻي سڄو ڌيان يو ايس اوپن تي آهي ۽ ان فتح جو کيس يو ايس اوپن ۾ ضرور فائدو پهچندو.