اوهائيو _19 آگسٽ (اي پي پي ) پولينڊ جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار، ٽاپ سيڊڊ ۽ عالمي نمبر ون آئيگا سويٽيڪ سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي، کيس بيلا روس جي 26 سالن جي آريانا سبالينڪا سيمي فائنل ميچ ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. آمريڪي رياست اوهائيو جي …
سنسناٽي ۾ جاري اوپن ٽينس مقابلي ۾ آريانا سبالينڪا هٿان پولينڊ جي آئيگا سويٽيڪ کي عورتن جي سنگلز سيمي فائنل ۾ شڪست

مزید خبریں
اوهائيو _19 آگسٽ (اي پي پي ) پولينڊ جي عالمي شهرت يافته ٽينس اسٽار، ٽاپ سيڊڊ ۽ عالمي نمبر ون آئيگا سويٽيڪ سنسناٽي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ شڪست بعد ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي، کيس بيلا روس جي 26 سالن جي آريانا سبالينڪا سيمي فائنل ميچ ۾ شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. آمريڪي رياست اوهائيو جي شهر سنسناٽي ۾ جاري ايونٽ ۾ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي. سال جي چوٿين گرينڊ سلام يو ايس اوپن کان پهرين وارم اپ ٽورنامينٽ جي ويمنز سنگلز لاءِ پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ بيلا روس جي 26 سالن جي آريانا سبالينڪا انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف 23 سالن جي پولينڊ جي ٽينس اسٽار آئيگا سويٽيڪ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-3 ۽ 6-3 تان هارائي نه رڳو ايونٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو پر فائنل جي لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.











