پيرس اولمپڪس مينز فٽبال ايونٽ ۾ فرانس ۽ اسپين جون ٽيمون فائينل ۾ پهچي ويون

پيرس -06 آگسٽ (اي پي پي) فرانس ۽ اسپين جون فٽبال ٽيمون پيرس اولمپڪس گيمز ۾ مردن جي فٽبال ايونٽ جي فائينل ۾ پهچي ويون. ميزبان فرانس جي ٽيم سيمي فائينل ميچ ۾ مصر جي ٽيم کي شڪست ڏني، جڏهن ته اسپين جي ٽيم سيمي فائينل ميچ ۾ مراڪش کي هارائي ڪري فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. فرانس ۽ اسپين جي ٽيمن فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. فرانس ۽ …

پيرس -06 آگسٽ (اي پي پي) فرانس ۽ اسپين جون فٽبال ٽيمون پيرس اولمپڪس گيمز ۾ مردن جي فٽبال ايونٽ جي فائينل ۾ پهچي ويون. ميزبان فرانس جي ٽيم سيمي فائينل ميچ ۾ مصر جي ٽيم کي شڪست ڏني، جڏهن ته اسپين جي ٽيم سيمي فائينل ميچ ۾ مراڪش کي هارائي ڪري فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. فرانس ۽ اسپين جي ٽيمن فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. فرانس ۽ اسپين جي فٽبال ٽيمن وچ ۾ سون جي تمغن لاءِ ميچ 9 آگسٽ تي کيڏي ويندي. اولپمڪس جا انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ جاري آهن، جنهن ۾ مداحن کي شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.