پيرس-06آگسٽ (اي پي پي) اولمپڪ گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ سوئيڊن جي آرمنڊ ڊو پلانٽس مينز پول والٽ مقابلن ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. مردن جي پول والٽ ايونٽ ۾ سوئيڊن جي 24 سالن جي آرمنڊ ڊو پلانٽس شاندار ڪارڪردگي عيوض سون جو تمغو حاصل ڪيو. آمريڪا جي 31 ورهن جي ثام ڪينڊرڪس ٻي نمبر تي …
اولپمڪ گيمز: ايٿليٽڪس سويڊن جي آرمنڊ ڊو پلانٽس مينز پول والٽ مقابلي ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو

مزید خبریں
پيرس-06آگسٽ (اي پي پي) اولمپڪ گيمز جي ايٿليٽڪس مقابلن ۾ سوئيڊن جي آرمنڊ ڊو پلانٽس مينز پول والٽ مقابلن ۾ سون جو تمغو کٽي ورتو. فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اولمپڪس جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. مردن جي پول والٽ ايونٽ ۾ سوئيڊن جي 24 سالن جي آرمنڊ ڊو پلانٽس شاندار ڪارڪردگي عيوض سون جو تمغو حاصل ڪيو. آمريڪا جي 31 ورهن جي ثام ڪينڊرڪس ٻي نمبر تي رهيو ۽ چاندي جو تمغو پنهنجي نالي ڪيو جڏهن ته يونان جي 24 سالن جي ايٿليٽ ايمانويل ڪراليسي ٽين نمبر تي رهيو ۽ ٽامي جو تمغو حاصل ڪيو.











