سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ اربع تي کيڏي ويندي

ڪولمبو -06 آگسٽ (اي پي پي)سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اربع تي آر پريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ميزبان آئيلينڊرز مهمان ڀارتي ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 32 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. اهڙيءَ ريت سريلنڪا جي ٽيم …

ڪولمبو -06 آگسٽ (اي پي پي)سريلنڪا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ اربع تي آر پريماداسا اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ميزبان آئيلينڊرز مهمان ڀارتي ٽيم کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 32 رنسن تان شڪست ڏني هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. اهڙيءَ ريت سريلنڪا جي ٽيم کي ڀارتي ٽيم خلاف 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت سريلنڪا جي دوري تي آهي. ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 ون ڊي عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏجي چڪيون آهن جن ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا جي ٽيم کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو.